اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان کي فضائي آلودگي کان پاڪ ڪرڻ ۽ شهرين کي رهڻ لاءِ صحت مند ماحول فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪلين گرين پروجيڪٽ ۽ بلين ٽريز سونامي جهڙا منصوبا ماحولياتي آلودگي کي روڪڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندا، پاڪستان جي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪري رهيو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر اسد قيصر چيو ته عالمي دنيا جو اعتراف آهي ته پاڪستان ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ بهترين قدم کنيا آهن، فضائي آلودگي ه?? سنگين مسئلو بڻجي چڪو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي صوبائي ۽ مقامي سطح تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ?? پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ پارليامينٽ جو ڪردار انتهائي اهيمت رکندڙ آهي، اسپيڪر چيو ته ڇو ته اهي پاليسي ساز آهن ۽ اهي ئي عملدرآمد جي سطح تي پاليسين جي جاچ پڙتال ڪن ٿا، پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) جو دسخطي هجڻ جي ناطي پاڪستان کي آلودگي کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي ذميداري آهي، پشاور ۽ ڪراچي جهڙن پاڪستان جي وڏن شهرن کي هر سال ڌنڌ درپيش هوندي آهي، جيڪو ناقص هوا جي معيار ?? فضائي آلودگي ۾ اضافي جو سبب بڻ??ي رهيو آهي، موجوده حڪومت ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ۽ بلين سونامي ٽريز منصوبي کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي.
متعلقہ مضامین
-
Bilawal urges federal government to issue new NFC award
-
Peca amendments challenged in SC
-
Punjab Police reiterate resolve for Safe Punjab & Safe Pakistan
-
Captain's Bounty سرکاری تفریحی لنک
-
Tsar Treasure Entertainment سرکاری ویب سائٹ
-
Punjab University acting VC postpones syndicate meeting
-
Mustafa Kamal thanks his supporters for successful rally
-
PTI urges voters to avoid supporting corrupt leaders
-
Indian CIC states encounter in IHK was fabricated
-
سلاٹ مشین آفیشل انٹرٹینمنٹ لنک کی مکمل تفصیلات
-
کیشین یو آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا آسان طریقہ
-
FTG کارڈ گیم آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ پر دلچسپ اور محفوظ گیمنگ کا تجربہ