اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي قيادت ٻطرفن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر سعودي عرب جي سفير نواف المالڪي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هڪجهڙي عقيدي، ثقافت، تاريخ ۽ اسٽريٽجڪ تعاون جي بنياد تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته ٻن??ي ڀائر م??ڪن جي قيادت ٻطرفن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، ٻن??ي ڀائر م??ڪن ه?? مشڪل گهڙي ۾ هڪٻئي جي مدد ڪئي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي تعمير ?? ترقي ۾ سعودي حڪومت جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار