اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو فارن فنڊنگ ڪيس ۾ دامن صاف آهي، اسان 40 هزار ماڻهن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرايا آهن، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي نامعلوم ماڻهن کان پارٽي فنڊنگ جي نالي تي پئسا ورتا، ٻئي پارٽيون جواب ڏيڻ کان ڀڄي رهيون آهن، ڀڄڻ نه ڏنو ويندو، کين ضرور جواب ڏيڻو پوندو، چاهيون ٿا ته فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ڪئي وڃي ۽ ان جو جل?? کان جلد فيصلو ٿئي ته حقيقتون قوم جي سامهون اچن. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سرعام چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي اوپن ٿئي، ان جي بيان کانپوءِ تحريڪ انصاف جي پوزيشن واضح آهي، تحريڪ انصاف واحد سياسي پارٽي آهي جنهن اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي پاران گهريل سمورا دستاويز پيش ڪيا، شبلي فراز چيو ته تحريڪ انصاف ۾ ڪا به مافيا نه آهي، تحريڪ انصاف ورڪرن ۽ ميمبرن کان چندو وٺي پارٽي معاملا ه??ائ?? جو ڪلچر متعارف ڪرايو آهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي نامعلوم ماڻهن کان پئسا ورتا، مافي?? انهن ماڻهن کي چونڊ وڙهڻ لاءِ فنڊنگ ڪندي آهي ۽ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اهي ماڻهو کين نوازيندا آهن.
متعلقہ مضامین
-
Seven die, 42 injured in Nawabshah accident
-
PM terms Azerbaijan true brother for supporting Pakistan during India crisis
-
موئے تھائی چیمپئن آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کا جامع تعارف
-
KM کارڈ گیم آفیشل گیم ویب سائٹ
-
Lucky Clover Ms. Rasmiya Entertainment Link
-
Five-year-old girl killed, another injured in wall collapse
-
Rain likely in most parts: PMD
-
Poisonous gas kills two in Bahawalpur
-
Two dacoits killed in ‘friendly fire’
-
France to enhance mutual coordination with Pakistan
-
Pakistan fighter jets pound militant hideouts in Rajgal
-
محجونگ روڈ انٹرٹینمنٹ - آپ کا تفریحی مقام